شوڪت اسلام

شوڪت اسلام

شوڪت اسلام

شوڪت اسلام (ڪتاب): هيءُ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي طويل ناول نور توحيد جو ٻيو ڀاڱو آهي، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ناول جي هن ٻئي ڀاڱي جو پهريون حصو جنوري 1944ع ۾ هاشمي پرٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو. پهريون حصو 30 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي قيمت 6 آنا هئي ۽ ٻيو حصو 28 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي قيمت به 6 آنا هئي. ٻئي ڀاڱي جي ٻنهي حصن جا ٻيو دفعو ايڊيشن اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد طرفان ڇپايا ويا، جن ٻنهي حصن جي قيمت 8.8 آنا هئي. جڏهن ته سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان 2001ع ۾ ناول جي ٻنهي ڀاڱن کي گڏائي، ‘نور توحيد’ نالي سان مڪمل ايڊيشن ۾ آندو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو